لاڙڪاڻي جو ايڌهي: انور علي کوکر
تحرير: اسلم پرويز مگسي
هن دنيا ۾ ڪيترائي انسان رهن ٿا. جتي هر انسان پنهنجو پيٽ پالي ٿو، اتي ڪي اهڙا به انسان موجود آهن، جيڪي نه رڳو پنهنجو پيٽ پالن ٿا، پر خدا جي ٻي مخلوق جو به وڏو خيال ڪن ٿا.
اهڙا انسان تعظيم ۽ احترام جي لائق هوندا آهن ۽ خدا به اهڙن نيڪ سيرت انسانن سان محبت ڪري ٿو جيڪي سندس مخلوق سان پيار ڪن ٿا.
پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي ته: "سڀ کان بهترين عمل انسانن جي خدمت ڪرڻ آهي."
اسان جي سماج ۾ پڻ اها چوڻي مشهور آهي ته انسانن جي خدمت ڪرڻ سان ئي خدا ملندو آھي.
جيڪي ماڻهو پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن ٿا سي هميشه زنده رهن ٿا ۽ کين مرڻ کان پوءِ به ياد رکيو وڃي ٿو. اهڙن نيڪ سيرت انسانن مان (مرحوم) حاجي انور علي کوکر پڻ هڪ هو.
مرحوم انور علي کوکر 23 ڊسمبر 1942 ۾ مينان نالي هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو، جيڪو موجوده ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ واقع آهي. پاڻ جڏهن اٺن سالن جا ٿيا ته سندس وڏا لاڙڪاڻي شهر جي هڪ مشهور علائقي لاهوري محلي ڏانهن هجرت ڪري آيا جنهن کان پوءِ هو هميشه هتي ئي مقيم ٿيا.
هن پرائمري تعليم لاڙڪاڻي ۾ پي وي اسڪول مان ان وقت حاصل ڪئي جڏهن سنڌي فائنل کي ستين جماعت جو معيار هاڻوڪي گريجوئيشن جي برابر سمجهيو وڃي ٿو.
خاندان جي مالي حالت بهتر نه هجڻ ڪري پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيا. پر پنهنجي ڀاءُ جي ڪفالت سبب هن سخت محنت ڪئي، جنهن کي هن انگريزي تعليم ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو. پر بدقسمتيءَ سان هو ننڍي عمر ۾ ئي انتقال ڪري ويو، جنهن کان پوءِ هن پنهنجي هڪ دوست جي ذريعي پاڪستاني چوڪ تي واقع استاد محمد بخش منگي وٽ حجامڪو ڪم سکڻ شروع ڪيو. جتي پاڻ ڪاريگر بڻجي ويا. پاڻ اتي ڪيترائي سال هڪ استاد جي حيثيت سان پڻ رهيا. تنهن کان پوءِ استاد کان اجازت وٺي، هن 1969 ۾ ڀرڳڙي پلازه ويجهو پنهنجي سيلون کولي، جتي مختلف علائقن جون وڏيون وڏيون شخصيتون جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، مير مرتضي ڀٽو، نواب سيف الله خان مگسي، نواب سلطان احمد چانڊيو، نواب شبير احمد چانڊيو، استاد منظور سخيراڻي وغيره وار ۽ ڏاڙهي سيٽ ڪرائيندا هئا.
مرحوم انور علي کوکر لاڙڪاڻي شهر جو هڪ سماجي ورڪر هو. هن نيڪ ڪم جي شروعات پنهنجي سيلون مان 1988ع ۾ ڪئي. پاڻ وڏي ڪوشش ۽ ذاتي دلچسپي وٺي 2001ع ۾ "خدمتِ معصوم ويلفيئر ٽرسٽ" قائم ڪيائون. لاڙڪاڻي جي هڪ مشهور جي پي او روڊ تي سيلون جو دوڪان سندس خدمت معصوم سوشل ويلفيئر ٽرسٽ جو دفتر هو، جنهن جي ٻاهران پنج ڇھ سائن بورڊ هوندا هئا.
2003 ۾، کيس فلاحي ڪمن جي ڪري صدارتي ايوارڊ ”تمغه امتياز“ سان نوازيو ويو. ان کان علاوه مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن پاران پڻ کيس اڄ تائين 35هن کان وڌيڪ ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو.
مرحوم انور کوکر جن ماڻهن کي سندن والدين تائين پهچائيندو هو انهن ۾ معصوم ٻار، پوڙها مرد توڙي عورتون، نابين، گونگا، ٻوڙا ۽ معذور ٻار شامل هيا.
پاڻ هن وقت تائين تقريبن 20,000 کان وڌيڪ گم ٿيل ٻارن کي سندن والدين سان ملائي چڪو آهي. سندس قائم ڪيل ادارو خدمت خلق ٽرسٽ لاوارث، گم ٿيل، بي گهر ٻارن ۽ بزرگ ماڻهن جي سهائتا ڪري رهيو آهي.
ابتدائي ڏينهن ۾، هو گمشده ٻارڙن کي مسجد ۾ ويهاريندو هو ۽ وڏي آواز ۾ گمشده ٻارڙن جو لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪندو هو جنهن کان پوءِ اهي ٻار پنهنجي والدين سان ملندا هئا. هو لاوارث ٻارڙن کي پنهنجي گهر وٺي ويندو هو، جن جي هو سنڀال ڪندو هو. اهڙي ريت، سندس ڀلائي جي ڪم ۾ تمام گهڻي دلچسپي وڌي.
شروعات ۾ هو گم ٿيل ٻارڙن کي پنهنجي ڪلهن تي کڻي گهٽين ۾ اعلان ڪندو گهمندو هو جنهن کي ٻڌي هر ماڻهو پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري پوندو هو. هو لاوارث ٻارڙن، مردن ۽ عورتن کي درگاھ قائم شاھ بخاري جي صحن ۾ سمهاريندو هو، جتي هو سندن حفاظت ڪندو هو ۽ خدا کان دعا گهرندو هو ته کين پنهنجا اصل وارث ملي وڃن. پاڻ ڪيترائي سال اهو نيڪيءَ جو ڪم پنڌ ڪرڻ سان شروع ڪيو. بعد ۾ هن ڪراچيءَ مان هڪ سائيڪل خريد ڪئي هئي، جنهن جي پويان هڪ دبو هوندو هو. ان ۾ ڇھ کان ست ٻارڙا آسانيءَ سان ويهي سگهندا هئا.
لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر عارف نالي سندس ان نيڪ عمل مان متاثر ٿي کيس ايئرپورٽ روڊ تي پلاٽ ڏنو هو، جتي پاڻ خدمت خلق ٽرسٽ ويلفيئر قائم ڪيائين. اڄ به اتي لاوارث غريب ٻار، مرد ۽ عورتون پناھگير آهن. اتي ٻارڙن کي سنڌي، عربي ۽ انگريزي زبان ۾ تعليم پڻ ڏني ويندي آهي.
لاڙڪاڻي جو سماجي ورڪر ايڌهي، خدمت معصوم ويلفيئر ٽرسٽ جو باني علي انور کوکر سومر ڏينهن سي ايم سي اسپتال لاڙڪاڻي جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ساھ جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر 84 سال هئي.
مرحوم حاجي علي انور کوکر جي لاڏاڻي تي سماج جي اڳواڻن، دانشورن، اديبن، شاعرن، پروفيسرن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، واپارين، لاڙڪاڻي جي مشهور شخصيتن ۽ مختلف مذهبي جماعتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن تمام گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.