سکر (پ ر): سنڌ ۾ ڪڻڪ جي لاباري جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن مان نئين ڪڻڪ مارڪيٽن ۽ منڊين ۾ پهچڻ لڳي آهي، پر افسوس جو سنڌ حڪومت طرفان اڃا تائين ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري مرڪز قائم نه ڪرڻ سبب آبادگار ۽ هاري سخت پريشاني ۽ غير يقيني صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن۔
ھاري جدوجھد ڪميٽي سنڌ جي صدر علي کوسو، غلام نبي بروهي، عاشق ڊومڪي، عرس چوهاڻ، گھنور خان کوسو، شعيب علي انڙ، منظور کوسو، الھداد جاگيراڻي، علي نواز جت، نظام الدين جوڳي، سنسار بلوچ، ايڊووڪيٽ يامين کوسو، امجد کوسو ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت جي نااهلي، بي حسي ۽ ناقص زرعي پاليسين سبب هارين کي سندن محنت جو جائز معاوضو نٿو ملي. هنن چيو ته هر سال وانگر هن ڀيري به حڪومت ڪڻڪ جي خريداري جي معاملن ۾ دير ڪري هارين کي واپارين ۽ آڙتين جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، جيڪو زرعي شعبي سان وڏي ناانصافي آهي۔
هنن وڌيڪ چيو ته جڏهن سرڪاري خريداري مرڪز وقت سر قائم نه ڪيا ويندا آهن ته واپاري ۽ آڙتيا مارڪيٽ تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري هارين کان ڪڻڪ انتهائي گهٽ اگهه تي خريد ڪندا آهن، جنهن سان هارين جي سڄي سال جي محنت ۽ سيڙپڪاري کي سخت نقصان پهچندو آهي۔ هن وقت به مارڪيٽن ۾ ڪڻڪ جو اگهه تمام گهٽ آهي، جڏهن ته ڀاڻ، ٻج، زرعي دوائن ۽ پاڻي جا خرچ مسلسل وڌي رهيا آهن، جنهن سبب آبادگار شديد معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن۔
ھنن حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ته فوري طور سڄي سنڌ ۾ ڪڻڪ جا سرڪاري خريداري مرڪز قائم ڪيا وڃن، هارين کي باردانو شفاف ۽ منصفاڻي طريقي سان فراهم ڪيو وڃي ۽ سندن ڪڻڪ سرڪاري مقرر ڪيل اگهه تي خريد ڪئي وڃي۔ هنن چيو ته حڪومت کي زرعي شعبي کي نظرانداز ڪرڻ بدران هارين جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ۽ عملي قدم کڻڻ گهرجن۔
بيان ۾ چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن حڪومت هارين جي جائز مطالبن تي فوري ڌيان نه ڏنو ته ھاري جدوجھد ڪميٽي سنڌ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي ۽ هارين جي حقن جي تحفظ لاءِ هر جمهوري ۽ آئيني طريقو اختيار ڪيو ويندو۔
ان سان گڏوگڏ ھاري جدوجھد ڪميٽي سنڌ اعلان ڪيو آهي ته هارين کي درپيش مسئلن ۽ زرعي بحران بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اپريل مهيني ۾ هارين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ وڏي هاري ڪانفرنس پڻ منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان هاري اڳواڻ ۽ آبادگار شرڪت ڪري پنهنجا مطالبا ۽ مسئلا اجاگر ڪندا۔
هنن زور ڏنو ته هاري ۽ آبادگار ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهن ۽ سندن حقن جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميواري آهي۔
جاري ڪندڙ:
گھنور خان کوسو
انفارميشن سيڪريٽري
ھاري جدوجھد ڪميٽي سنڌ