news from mumtaz ali shorai mir pur bathoro

0 views
Skip to first unread message

Sachal Shorai

unread,
Nov 28, 2023, 8:31:12 AM11/28/23
to sindh...@gmail.com
ميرپور بٺورو (رپورٽ/ممتاز علي شورائي)
ميرپور بٺورو ۾ پورهيت پنهنجي محصوم ٻارڙن سان گڏجي صوفي عنايت پريس ڪلب ميرپور بٺورو پهچي بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، جھوڪ شريف جي ڳوٺ عبدالرحيم سگريو جي رهواسي پورهيت عبدالواحد جوکيو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته سندس ديھ جھوڪ ۾ پنج ايڪڙ زرعي زمين آهي جيڪا هي ڪيترن ئي سالن کان آباد ڪندو آهي هن چيو ته  ڳوٺ جا ڪجهه بااثر وڏيرا جن ۾ عبدالرحيم سگريو، عدل جوکيو، عابد جوکيو، ۽ ٻيا منهنجي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين بااثرن منهنجو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي مونکي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جڏهن ته منهنجي محصوم ٻارڙن کي اسڪول ويندي حراسان ڪري رهيا آهن جنهن ڪري ٻارڙا خوف مان اسڪول نٿا وڃي سگهن، هن ھاء ڪورٽ آف سنڌ، سیشن ڪورٽ سجاول کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،
Reply all
Reply to author
Forward
0 new messages