فيس بُڪي دانشور مافيا طرفان بليڪ ميل ٿيندڙ لاڙڪاڻو ٽريزري آفيسر ۽ آڊيٽر!

0 views
Skip to first unread message

Aslam Parvez Magsi

unread,
Jun 10, 2024, 3:59:37 AM6/10/24
to sindh...@gmail.com

تحرير: اسلم پرويز مگسي 

"ماڻهن کي تباھ ڪرڻ جو سڀ کان وڌيڪ اَثرائتو طريقو اهو آهي ته هو پنهنجي تاريخ جي سمجھ کان اِنڪاري هجن ۽ ان کي ئي ميساري ڇڏين." 
 (جارج آرويل)
     لاڙڪاڻي جي ٽريزري آفيس جي ملازمن بابت ڪجھ فيس بڪي دانشور مافيا جا ٽريزري آفيسرن ۽ آڊيٽرن جي لاءِ ناموافق، ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام ۽ غلط پوسٽون ٻِن کان ٽِن فيس بڪ آءِ ڊين تان نَشرُ ٿي رهيون آهن جيڪي نسورو ڪوڙ ۽ غير تصديق  ٿيل آهن.
حقيقت ۾ هي اهي ماڻهو آهن جيڪي آفيسرن ۽ آڊيٽرن کي بليڪ ميل ڪري انهن کان پيسا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
دراصل زندگيءَ ۾ جيڪي ماڻهو پنهنجي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان عزت ۽ آبرو يا پيسو ڪمائڻ کان قاصِرُ هوندا آهن سي سدائين آفيسرن ۽ آڊيٽرن سان گڏوگڏ عوام کان پڻ زبردستي سان مال ڦُرڻ ۽ لُٽڻ جي غير ضروري ڪوشش ۾ رُڌل هوندا آهن.
ان کان علاوه سندن اها سوچ هوندي آهي ته، جيڪڏهن اهڙن ادارن جي اعلي آفيسرن کي انهيءَ ترڪيب سان سندن عزت ۽ آبرو کي نقصان پهچائي کين هِيسايو ۽ بليڪ ميل ڪيو ويندو ته اَصِيلُ آفيسر پنهنجي عزت ۽ آبرو خاطر کين بيجا طور پيسا ڏيندا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته، ڪنهن به شريف النفس انسان جي عزت کي مجروح ڪرڻ قانوني طور تي هڪ اُتم جُرمُ آهي.
ان کان علاوه فيس بڪ يا ڪنهن به سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم تان لاڙڪاڻو ٽريزري آفيسرن ۽ آڊيٽرن کي بنا سبب ڊي فيم ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن خلاف ڪوڙ ڳالهائڻ، بي بنياد الزام لڳائڻ ۽ عزت پائِمالُ ڪرڻ هڪ قسم جو سائبر ڪرائيم پڻ آهي.
تنهن ڪري ايف آءِ اي ٽيم جي اها ذميواري آهي ته اهي ڪنهن آفيسر خلاف سوشل ميڊيا تي اهڙو ناموافق ۽ اڻ وڻندڙ مواد اپلوڊ ڪرڻ وارن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري ته جيئن فيس بڪ يا ڪنهن به ميڊيا جي سوشل ايپ وسيلي ڪنهن بيگناھ ۽ شريف آفيسرن ۽ آڊيٽرن جي عزت پائِمالُ نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ هڪ اهڙي عجيب بيماري موجود آھي جو ماڻهو ڪنهن به خبر جي حقيقي ڄاڻ کان بي علم هوندي لُچن ماڻهن جي ڳالھ تي اعتماد ڪري بنا ڪنهن تصديق جي انهيءَ کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڪمينٽس ڪندا آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي بيقصور ماڻهن جي حَشمت ۽ مانَ کي نقصان رسندو آهي. تنهن ڪري بَغير ڪنهن ثابتي ۽ شاهديءَ جي ڪنهن جي ساک کي متاثر ڪرڻ اهو تمام ڪُڌو ۽ خراب عمل آهي.
اهڙيءَ ريت ڏاهن جو چوڻ آهي ته، هميشه سِڪي جي ٻنهي پاسن کي ڏسي پوءِ فيصلو ڪرڻ ۾ ئي عقلمندي آهي.
حقيقت اها آهي ته، لاڙڪاڻو ٽريزري آفيس ۾ هر مهيني هڪ کليل ڪچهري رِٿي ويندي آهي جنهن ۾ لاڙڪاڻو نيب جو ريجنل ڊائريڪٽر محترم علي اڪبر جاگيراڻي صاحب جن لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسرن سميت ٽريزري آفيس ڏانهن ايندڙ هر اداري جي آن ڊيوٽي، رٽائرڊ سرڪاري ملازمن توڙي پينشن هولڊرس جا جائز مسئلا ۽ شڪايتون ٻُڌي انهن کي ميرٽ جي بنياد تي حل ڪرائيندا آهن.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته لاڙڪاڻو ٽريزري آفيس سموري سنڌ ۾ هڪڙو ريپيوٽِڊ ادارو آهي جنهن ۾ ميرٽ تي آيل پَڙهيل ڳَڙهيل ۽ قابل آفيسر ۽ آڊيٽر پنهنجيون ڊِيوٽيون سر انجام ڏئي رهيا آهن. اهڙيءَ ريت هُتان جا آڊيٽر سچائي ۽ ايمانداريءَ سان آفيس ۾ اور ٽائيم ڏئي پنهنجي اڻَ ٿڪ ڪاوشن سان سرڪاري ملازمن جون آئِڊيون ڪِريئٽ ڪن ٿا ۽ سرڪاري ملازمن جا پيرول هلائن ٿا ته جيئن کين ڪا تڪليف سامهون نه اچي.
هاڻي اهو اسان تي فرض ٿو ٿئي ته اهڙن مڪارن، ٺڳن ۽ بليڪ ميلرن جو بائيڪاٽ ڪريون، جيڪي پنهنجي مفاد خاطر لاڙڪاڻو ٽريزري آفيسرن ۽ آڊيٽرن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ مختلف هربا هلائي کين پريشان ۽ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن.
Reply all
Reply to author
Forward
0 new messages